سنڌي شاعري
حيلم باغي جي شاعري
ڪم ظرف جي ويڪوءَ فطرت تي
احساس ملامت ڪئي هوندي
چانديءَ جي چمڪ تي وڪجي ويو، ضمير عدالت ڪئي هوندي
زنجير جو کڙڪو چپ ٿي ويو، تو کي ته اڃان پر ڏڪڻي آ
پڪ ڄاڻ تو جھڙي ڪنهن ماڻهوءَ قانون جي اطاعت ڪئي هوندي
رت جنهن کي سانڍي سوچين ٿو ۽ هارڻ کان لهرائين ٿو
او رت پڄارا تو کي به ڄڻي ڪنهن ماءُ سخاوت ڪئي هوندي
او ساٿ ڌڻي جي واڳ وٺين ۽ واڳ وٺي جي واٽ وٺين
هت چؤواٽن تي چنڊ کڙيا ــ جي ڪنهن به واردات ڪئي هوندي
اڄ دار جي پاران دز اڏي منصور، وري ڪو دار چڙهي
ڪنهن جي ته سسيءَ هن وقت ميان موسم تي عنايت ڪئي هوندي
رُت ڦرڻي آ سا ڦرندي پئي، هڪ ڳالهه ته ماڻهو ڄاڻن ٿا
تاريخ ڦري يا ڀل نه ڦري، باغيءَ ته بغاوت ڪئي هوندي
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
اسان جيئن به به جيئي ڪو جھان
۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾
ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪکَ رهيو آ منهنجي آشيان ۾
پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾
نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪاروان وقت نا مهربان ۾
ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾
وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾
هو هالار جا پٽ هُوءَ مياڻي، هُوءِ ٽلٽيءَ
اسان جون نشانيون سڄي گلستان ۾
اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾
ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾
ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي
موسم،
هي تعزير جي رُت، وفائن جي موسم.
اهي ئي جام جا ڍڪ، اهي چڳ وراڪا
ڪجي ڇا کڙي آ قضائن جي موسم
اسان جي ئي رت سان ڪرِڙَهو ڪڪوريا
وري آ، وري آ، بهائن جي موسم
جي جلندو ته جھونا ڳڙهه هاڻ جلندو
آ چارڻ جي چت ۾ چِتائن جي موسم
جا هلندي ئي بدلي، جا کِلندي ئي مٽجي
سا تنهنجي اکين جي، ادائن جي موسم
اوهان جي اکين کان وٺي دار تائين
اسان لئه خطائن خطائن جي موسم
هي چهبڪ جي ڪڙ ڪڙ هي ٻيڙين جي کڙ کڙ
هي ڌڙڪن دٻائن پڇائن جي موسم
الا! ڪو ته ڄاڻي پرين ڪير! ماڻي
گلابي گلن جي فضائن جي موسم
بهارن جي مند پنهنجي واري تي ايندي
لٽين جي هلي آءُ سزائن جي موسم
جگر ڌوڙ بڻيو اکيون دونهن بڻيون
ڏٺي ٿئون ڏٺي ٿئون دعائن جي موسم
ڪڏهن سينڌ تي چپ ڪڏهن پڳ دِڪي تي
اسان خوب ماڻي، جزائن جي موسم
کڙي دل جي ٿر تي نئين ڪا چنبيلي
اچي ويئي شرابي هوائن جي موسم
جڏهن جھور ڳاڱين پلر کي پڪاريو
ته گهر گهر تي برسي گھٽائن جي موسم
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
اسان بن ۾ جيڪي به راتيون
لُٽايون
پرهه مک تي جھومڪ جيان سي سجايون
نه پاتي اسان ڪا به مالها نه پاتي
چنبيليءَ وليون هر اڱڻ تي لڳايون.
اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي
اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون.
تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي
وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون.
پئي چنڊ تڙپيو ستارا پئي مڇريا
اسان تنهنجيون پلڪون چپن تي گھمايون.
هي لڙڪن جا موتي هي آسن جا کنڊر
هي پنهنجيون ڪمايون هي پنهنجيون لٽايون.
اسين جوڳي نيريءَ نگر جي ڪنڌيءَ تي
پيا جوڻ ڪنهن چنڊ چمڻ لاءِ مٽايون
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي
اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.
گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.
سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.
مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي
اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي
بهارن کي
ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي
هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي
نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ
ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي
هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي ڪنارن کي
ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي
ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي.
بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي
تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي
جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ
منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ
هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ
هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.
ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.
قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ
اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
سنڌو ساههَ سنڌَ ۾ سمائي ڇڏي
سين
حياتيءَ جي موڙي لٽائي ڇڏي سين
جڏهن سور سانگين جا پنهنجي پکي پيا
پرين! گھور تو ڏي گھٽائي ڇڏي سين
رتي رات تي ڇو هينانءُ لاٿ ٿيو آن؟
ڏياٽي ڏياٽي کٽائي ڇڏي سين.
اسان رهون نه رهون پر رهي چنگ چڻ ڀڻ
تنهنجي تند ٿوري تپائي ڇڏي سين.
گھڻو تپ گھڻو تپ گنجي جا او سورج!
جڏي جند واريءَ وڇائي ڇڏي سين.
رُناسون ته هر پل ”ڀنڻ“، ”ڀانءُ“ آئي
کِلياسين ته هر رُت کِلائي ڇڏي سين
-------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه
نه ڌربو مقتل تي،
جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.
جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري
جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.
ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ
جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي.
تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو
هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي.
ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان
ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.
جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي
جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي.
جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي
ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
استاد بخاري جي شاعري
هونئن ته مِٽيءَ
جي چپٽي آهيان،
جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان.
خاڪي، نوري،
فاني، باقي،
سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان.
عربي، عجمي آهيان
ئي پر،
روسي، هندي، چيني آهيان.
سڀ کان اڳ ۾
انسان اڳ تي،
سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان.
بوڙئي جھڙي
منهنجي هستي،
سنڌو واري مستي آهيان.
سانگين سان گڏ
سالگرهه مان،
وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.
تاريخ آهيان قوم
قويءَ جي،
نه ته مرقد جي تختي آهيان.
ڏيڍ ڏنگايون ڏاري
ڄاڻان،
مظلومن جو مددي آهيان.
مِهر ته مکڙي ماڪ
ـــ ڦڙا مان،
قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان.
جوت رتيءَ تي
پريت پتنگو،
سنگ سڳندي، رنگي آهيان.
عشق ۽ عقل حقيقي
ساٿي،
سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان.
آجو پيار ملي
پوءِ پيارا،
سولو ويندو سرچي آهيان.
آزادي استاد
تنواريان،
ماڻهن جي مان مرضي آهي
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،
درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا.
عزم عنايت سچ سگھارو، برک بلاول، حيدر پيارو،
اِهي پيارا پيارا ماڻهو، پياري پياري سنڌ جا.
ڪوٺَ ڪنائي پورهيت جاڳيو، جرئت جاڳي، رتَ ستَ جاڳيو،
جاڳي پيا جيالا سارا، هاري ناري سنڌ جا.
ڌرتيءَ ڄايا پيا گڏجي سڏجي، سچ جي سڏ تي پرچي سرچي،
جوڙيون پيا نِڪورا خاڪا، آجي آجي سنڌ جا.
سورج وانگي چمڪي سنڌڙي، جُڳ جُڳ ۾ جيئي سنڌڙي،
هجن هر زبان تي نعرا، صبح، سانجھي سنڌ جا.
جنت ڪاڇو ۽ ٿر آهي، ڪوثر منڇر، ڪينجھر آهي،
وڻن ٿا نظارا ڏاڍا سُهڻي سُهڻي سنڌ جا.
سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري،
ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون،
دريا خان ۽ دودا آهيون،
جوٽي ڏيندا جھيڙا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها اهيون.
هوشو جيئرو جوش ڏئي ويو،
هيمون آجو هوش ڏئي ويو،
دوَر نئين جا دودا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.
اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو،
دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو،
بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.
سورهن آنا سچ ته آهيون،
شاهه، سچل جو مَچَ ته آهيون،
طوفانن ۾ ٻرندا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.
ماضي جا مهمان نه آهيون،
آئيندي جا اعلان آهيون،
تازا توانا تجلا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.
تحريڪن جي طوفانن ۾،
آزاديءَ جي ايوانن ۾،
ڳاڙها جھنڊا ڦڙڪيا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.
جرڪي جرڪي جئيندا آهيون،
مُرڪي مُرڪي ملهندا آهيون،
جيئرا هياسين، جيئرا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون.
دِلوارن لئه موتئيءَ ٽاري،
دوڌارن لئه ڪات، ڪٽاري،
بلڪِ بخاري، ڀالا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
ڀونءِ تنهنجا اسين آهيون ڀانَ، ڳلِي ڳلِي جاڳ
راڳ ڳايون،
ديري ديري دَنگي مَنگون دانَ، ڪڻو ڪڻو قوم ٿا بڻايون.
هَٿ هٿ ڄاٽيون، پڳ پڳ لاٽون،
اُلرن شعلا، ٿڙڪن پاٽون،
جُوءِ تنهنجا ڳاڙها ڳاڙها جُوان، سَچو پَچو مَچ ٿا پچايون.
ڏاڍ وڍيون پيا، ڪُوڙ ڪَٽيون پيا،
پاپَ ڪُڌي جي پاڙ پَٽيون پيا،
قهر توکي تڪي هڻون ڪان، گھِٽي گھِٽيءَ ڌوڌَ روز گھايون.
پئي ٿي پُڪاري بستي بستي،
دلبر ڌرتي، سهڻي سرتي،
مَلهي ڪريون مٿي ٻنهي جا مانَ، وِڙهي وڙهي جِيوَتون بچايون.
پيئون پيئڻ ڏيون، جيئون جيئڻ ڏيون،
اڻ ٿيڻي کي هاڻ ٿيئڻ ڏيون،
نَوان سَنوان ٿيون اِنسانَ، نيون خوشيون ديس ۾ ونڊايون.
کول کٿوري، ٻول بخاري،
ڀيلن جي ڀڃ ڀول بخاري،
جِٿان ڪِٿان اٿيا اعلان، هَلو هَلو ماڻهپو ملهايُون
------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------